عبداللطيف مهر

عبداللطيف مهر: شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس عبداللطيف مهر 1931ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. پاڻ ننڍي عمر جو هو ته سندس والدين شڪارپور مان لڏي جيڪب آباد ۾ رهائش پذير ٿيا. سندس تعليمي قابليت بي. اي، بي.ٽي ۽ ايم. ايڊ هئي. 1956ع ۾ استاد مقرر ٿيو مختلف اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ 1988ع ۾ رٽائر ڪيائين. کيس اسڪول ۾ پڙهڻ دوران علم ادب سان لڳاءَ رهيو، جنهن ڪري جيڪب آباد ۾ ٿيندڙ علمي ادبي پروگرامن ۾ سرگرم رهيو. سندس شاعري ۽ تحقيقي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع پڻ ٿيندا رهندا هئا. سندس لکيل ڪيترائي ڊراما اسٽيج ٿيا، جن ۾ عمر مارئي، دودو چنيسر ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما گهڻو مقبول ٿيا. پاڻ شاعر، اديب ۽ ڊراما ليکڪ هجڻ سان گڏ سٺو فنڪار پڻ هو. ادبي پروگرامن ۾ ڳائيندو به هو، سندس آواز به سريلو هوندو هو، عبداللطيف ڪيترن ئي ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان پڻ وابسته رهيو. سنڌ ٿيٽرز سوسائٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت، شاخ جيڪب آباد جو سيڪريٽري، سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد ۾ مخزن جو ايڊيٽر رهيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصو وٺڻ سبب گرفتار ڪري جيل پڻ موڪليو ويو، کيس علمي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد طرفان 1992ع ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتن تي ’لطيف مهر‘ اوارڊ ڏنا ويا. عبداللطيف مهر 10 آڪٽوبر 1994ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبداللطيف مهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو